اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي جي حوالي سان پئڪيج جو اعلان ڪندو، پنجاب ۾ ميئر جون چونڊون سڌوسنئون ٿينديون، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل اضا??ي تي ڳڻتي آهي، توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهيا آهيون، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي ان پئڪيج مان سڌوسنئون فائدو کڻندي، اعظم سواتي ۽ منهنجي خلاف اليڪشن ڪميشن جا نوٽيسز بي بنياد ۽ ناانصا??ي تي ٻڌل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سا?? ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي ۽ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ٻن بنيادي ايجنڊائن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ مهانگائي جي حوالي سان هڪ وڏي پئڪيج جو اعلان ڪندو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي فائدو کڻندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي عالمي م??ڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل اضا??ي تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته اسان توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪري رهيا آهيون. پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون سنڌوسنئون ٿينديون، وزيراعظم ۽ ڪور ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته پنجاب ۾ شهرن ۽ ضلعن جي ميئرز جي چونڊ سڌوسنئون ٿيندي، وزيراعظم پهرين ڏينهن کان ڊائريڪٽ ڊيموڪريسي جو واعدو ڪيو هو، ان ڏس ۾ تياري حتمي مرحلن ۾ آهي. هن چيو ته وزيراعظم پوري پارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته اها مقامي حڪومتن جي چونڊن جي لاءِ متحرڪ ٿئي، پنجاب جي ضلعن ۾ نامزدگي جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، اهڙي طرح خيبرپختونخواهه ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي لاءِ مهم شروع آهي. چوڌري فو??د حسين چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اعظم سواتي ۽ مُون کي موڪليل نوٽيسز زيادتي تي ٻڌل آهن، جنهن کي فو??ي واپس ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل ڳالهائيندي چيو ته اعظم سواتي ۽ چوڌري فو??د حسين کي اليڪشن ڪميشن پاران نوٽيس تي پوري ڪور ڪميٽي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، جمهوري ملڪن ۾ جمهوري رويا اهڙي طرح ناهن هوندا. هن چيو ته وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي جي حوالي سان پئڪيج جو اعلان ڪندو.