اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي دوري تي آيل افغانستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيه?? وزير امير خان م??قي جُون پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پرڏيه?? وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. هوابازي واري وفاق?? وزير غلام سرور خان، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سميت پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، افغانستان جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق، افغانستان ۾ پاڪستان ??و سفير منصور احمد خان ۽ پرڏيه?? وزارت جا سينيئر آف??سر پڻ موجود هئا. پرڏيهي آف??س جي ترجمان موجب پرڏيه?? وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند اهي، پاڪستان ويجهو پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ گذريل 40 سالن کان جاري جنگ ۽ بدامني سبب سخت متاثر ٿيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان گذريل چار ڏهاڪن کان 30 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندو اچي رهيو آهي. هن چيو ته افغانستان کي معاشي ۽ انساني بحران م??ن ڪڍڻ جي لاءِ پاڪستان م??لسل عالمي برادري کان فوري امداد ۽ مثبت ڪردار جي گهرج ڪندو آيو آهي، پاڪستان م??دود وسيلن جي باوجود افغان ڀائرن جي انساني معاونت، دوائن ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيه?? وزير ان نازڪ موڙ تي افعانستان جي اندر ۽ ٻاهر امن م??الف عنصرن تي سخت نظر رکڻ جي تاڪيد ڪئي. پرڏيه?? وزير افغان وفد کي ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ شريڪ روس، چين ۽ آمريڪي نمائندن خاص طور تي افغانستان سان ٿيندڙ ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان جي خواهش آهي ته افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ايندڙ اجلاس ۾ افغانستان جي عبوري حڪومت جي نمائندن کي پڻ گهرايو وڃي پرڏيه?? وزير افغان وفد کي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپاري رابطن، واپاري لنگهه ۾ فراهم ڪيل سهولت ۽ انساني معاونت جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. افغانستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيه?? وزير امير خان م??قي افغانستان کي انساني بحران م??ن ڪڍڻ ۽ عالمي برادري جو ڌيان افغانستان جي خراب ٿيل اقتصادي صورتحال طرف ڇڪرائڻ تي پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.