اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان بابا گرو نانڪ ديوجي جي 552 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي سڄي دنيا جي سک برادري ??ي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خوشي جي ان موقعي تي اسان پاڪستان ۾ پنهنجي مقدس مذهبي جاين جو دورو ڪندڙ هزا??ين سک يات??ين جي آجيان ڪريون ٿا. هن سک برادري جي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي سلسلي ۾ پنهنجي حڪومت پاران سهولتن جي مسلسل فراهمي جي عزم کي ورجايو.