اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ?? آڻڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مستقبل ۾ اهي ئي قومون طاقتور ٿينديون جيڪي دنيا ۾ بهترين ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻنديون، پاڪستان آباد?? جي لحاظ کان دنيا جون پنجون وڏو ملڪ آهي پر ٽيڪنالاجي ۾ تمام گهڻو پـٺتي آهي، پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري سطح تي انفارميشن ٽيڪنالاج?? جي تعليم جي فروغ تي ڌي*ان ڏيڻ جي ضر??رت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملٽري ڪاليج آف سگنلز ۾ 28 هين سندون ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته تعليم مڪمل ڪندڙ شاگردن کي انهن جي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪر??ان ٿو، نسٽ دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ آهي، هن چيو ته اڄ پنهنجي تعليم مڪمل ڪندڙ نوجوانن جي لاءِ مستقبل جي عزم جو ڏينهن آهي، اهي محنت ۽ شوق سان پنهنجي خاندان ۽ ملڪ جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. پاڪستان آباد?? جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي پر ٽيڪنالاجي ۾ تمام گهڻو پٺتي آهي، هن چيو ته اسان جي ٻارن جو وڏو تعداد اسڪولن کان ٻاهر آهي، ماضي ۾ ان معاملي کي نظرانداز ڪيو ويو تنهن هوندي به هاڻي پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري سطح تي انفارميشن ٽيڪنالاج?? جي تعليم جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي ضر??رت آهي، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني مزدورن جو وڏو تعداد خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ٿي رهي هجي ها ته ۽ دبئي ۽ سنگاپور وانگر عمارتون تعمير ڪيون وڃن ها ته اهي ماڻهو روزگار لاءِ ٻاهرين ملڪ نه وڃن ها. اهڙي طرح 70 کان 90 جي ڏهاڪن دوران اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ پروفيشنلز کي نوڪرين جا مناسب موقعا ميسر نه هئا جنهن جي ڪر?? انهن کي نوڪرين لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻو پيو، هن چيو ته اشارن جي زبان جو زندگي ۾ اهم ڪردار آهي، 70 سيڪڙو ماڻهو اشارن جي زبان سمجهندا آهن، صدر چيو ته اڄ جي صحافت اخلاقي طور تي زوال پذير آهي. پس منظر کي سمجهڻ کانسواءِ خبرن سان بيانيو هڪدم بدلجي ويندو آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن بار بار ٽيڪنالاج?? جي وسيلن مان فائدو کڻڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو آهي ڇو ته مستقبل ۾ اهي قومون طاقتور هونديون جيڪي دنيا ۾ بهترين ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻنديون. هن چيو ته دفاعي شعبي سميت سمورن ادارن جي لاءِ سائبر سيڪيورٽي اهم آهي، سمورن ادارن ۾ سائبر سيڪيورٽي ماهرن جي ضر??رت آهي. اسان کي ماهرن سان گڏوگڏ ٽيڪنالاج?? جي ماهر تعليم يافته ماڻهن جي ضر??رت آهي. ان مقصد جي لاءِ لکين ماڻهن کي تربيت فراهم ڪرڻ ضر??ري آهي. فاصلاتي تعليم سميت مختلف طريقن مان اهو مقصد حاصل ڪر?? سگهجي ٿو، هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ڊجيٽل اسڪلز جو آغاز ڪيو جنهن ۾ 20 ماڻهن داخلا ورتي ۽ 16 لک پهريون مرحلو عبور ڪر?? چڪا آهن. ان ڏس ۾ سڀني لاءِ پرائمري تعليم ۽ هڪجهڙو تعليمي نظام ضر??ري آهي ته جيئن قومي سطح تي هم آهنگي پيدا ڪر?? سگهجي. انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت ٻارن کي ننڍپڻ ۾ تربيت ڏيڻ ضر??ري آهي، هن چيو ته ڊيٽا پروٽيڪشن جديد دور جي ضر??رت آهي، ان حوالي سان قانونسازي به ضر??ري آهي. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران هنگامي صورتحال ?? مختلف ادارن هڪ ٻئي سان ڊيٽا شيئر ڪيو جنهن سان بهترين فيصلي سازي ۾ مدد ملي . نادرا اٿارٽ?? جي نئين قانون جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت نادرا ضر??رت پوڻ تي ڊيٽا حاصل ڪر?? سگهي ٿو، صدر چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جيتري ڊيٽا آهي ايتري اهليت نه آهي. پاڪستان جي پنج سيڪڙو ڊيٽا تائين پهچ حاصل آهي، هن چيو ته تيل قيمتي آهي پر ڊيٽا ان کان وڌيڪ قيمتي آهي، هن چيو ته پاڪستان تي روزاني سائبر حملا ٿيندا آهن، انهن حملن جو ڪنهن ننڍي وڏي ملڪ سان تعلق ناهي هوندو پر اهو ٽيڪنالاج?? جي ذريعي ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته ٽيڪنالاج?? جي شعبي ۾ ترقي لاءِ بهترين سوچ رکندڙ سمارٽ ۽ قابل ماڻهن جي ضر??رت آهي. انساني وسيلن تي تعليم جي شعبي ۾ سيڙپڪار?? جي سخت ضر??رت آهي. ملڪ جي نوجوانن کي ذهانت طرف متوجهه ڪر?? ملڪ کي ترق?? جي راهه تي گامزن ڪيو ويندو آهي. هن تعليم مڪمل ڪندڙ نوجوانن تي زور ڏنو ته هو ڪمزور طبقن جو خيال رکن، ڪورونا وبا جي دوران معاشر?? جي ڪمزور طبقن سان يڪجهتي جو اظهار ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ويو جنهن سان ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪمانڊٽ ملٽري ڪاليج آف سگنلز برگيڊيئر سيد علي رضا ڪامياب ٿيندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي سان شعب?? جي ترقي سان سائبر سيڪيورٽي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن ڪاليج جي ڪاميابين ۽ مستقبل جي منصوبن تي به روشني وڌي، ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم مڪمل ڪندڙ شاگردن ۾ سندون ورهايون، شاگردن کي مختلف شعبن ۾ شاندار ڪاميابي ڏيکارڻ تي مختلف ايوارڊز سان نوازيو ويو. انهن ايوارڊز ۾ پريذيڊنٽ گولڊ ميڊل ايوارڊ ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ايوارڊ، چانسلر سول ميڊيل سان نوازيو ويو. ڪيپٽن احسن بلال طارق پريذيڊنٽ گولڊ ميڊل ايوارڊ ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ايوارڊ ٻئي حاصل ڪيا.