اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي فراڊ سبب متاثر ماڻهو کي رق?? واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، نيشنل بئنڪ فراڊ سبب متاثر شهري کي 5 لک روپين جي رق?? لازمي واپس ڪري. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدر چيو ته افسوس آهي ته بئنڪ پنهنجي ئي مينيجر جي هٿان فراڊ جو نشانو بڻجندڙ صارفين کي انصاف نه ڏئي رهيو آهي، فيصل آباد جي شهري محمد عبدالرشيد بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ وقت 5 لک روپيا بئنڪ مئنيجر وٽ جمع ڪرايا، اڳوڻي برانچ مينيجر اختر حسين صحيح ۽ ٽپو لڳل رسيد شهري کي ڏني پر رق?? اڪائونٽ ۾ جمع نه ڪرائي جڏهن ته 56 شهرين سان فراڊ جي ذريعي 9 ڪروڙ 80 لک روپين جي رق?? ڦٻائي وئي، شهري بئنڪ کان رق?? واپسي لاءِ رابطو ڪيو پر ڪو به رليف نه ملي سگهيو جنهن تي شهري انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ بئنڪنگ محتسب کي درخواست ڏني جنهن رق?? واپسي جو حڪم ڏنو، نيشنل بئنڪ رق?? واپس ڪرڻ جي حڪم جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي هئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بئنڪ مينيجر جي صحيح ۽ ٽپو لڳل رسيد درست آهي ۽ بئنڪ ان جي پابندي جي مجاز آهي، شڪايت ڪندڙ درست رسيدن تي بئنڪ احاطي ۾ حاضر سروس بئنڪ مينيجر کي رق?? جمع ڪرائي، بئنڪ مينيجر جو قدم بي ضابطگي ۽ بدانتظامي جي زمري ۾ اچي ٿو، صدر چيو ته بئنڪ شڪايت ڪندڙ جي دعويٰ رد ڪرڻ ۽ پنهنجُون قانوني ذميداريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، بئنڪ محتسب جو فيصلو رد ڪرڻ جو ڪو به جوا?? پيش نه ڪيو ان لاءِ اپيل رد ڪئي وڃي ٿي.