ڪراچي – 21 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گرين ل??ئين بس ۾ مسافرن سان گڏ نمائش چورنگي کان گرو مندر تائين سفر ڪيو ۽ بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) سروس تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گرين ل??ئين بس تي پنهنجي پهرين سفر دوران آفيشل ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بي آر ??ي گرين ل??ئين بس منصوبو ڪراچي جي ماڻهن جي سهولت لاءِ شروع ڪيو وي?? آهي. هن چيو ته اها سروس ماڻهن کي آرامده سفر فراهم ڪندي. هن چيو ته گرين ل??ئين بس سروس جي ڪري ڪلاڪن جي ڊگهي سفر جو وقت هاڻي گهٽ ٿي وي?? آهي. ان موقعي تي صدر عورت مسافرن کان بي آر ??ي گرين ل??ئين بس منصوبي بابت انهن جا خيال پڻ پڇيا. صدر کي جواب ڏيندي مسافرن چيو ته اهي هن سروس مان مطمئن آهن ڇو ته انهن کي آرامده سواري ملي رهي آهي. هنن صدر کي ٻڌايو ته اهي روزانو بي آر ٽي ۾ سفر ڪن ٿيون ۽ انهن وٽ بي آر ??ي گرين ل??ئين ٽرانسپورٽيشن ڪارڊ پڻ آهي. عورت مسافرن بس سروس تي صدر جا ٿورا مڃيا. ان کان اڳ نمائش چورنگي جي بس اسٽيشن پهچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر عارف علوي گرين ل??ئين بس ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ٽڪيٽ خريد ??ئي. سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جا ايم پي ايز پڻ صدر سان گڏ هئا.