اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي اث??ن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي ا??لين ترجيح آهي، حڪومت ڪورونا وبا دوران پيدا ٿيندڙ مهانگائي جي عالمي بحران ۾ عوامي ريليف کي يقيني بڻايو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪي ا??تصادي صورتحال ۽ عالمي سطح تي ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي تازي روس جي دوري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن تي اڳڀرائي تي تفصيلي غور فڪر ڪيو ويو، اجلاس م وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، حماد اظهر ۽ خاص معاون ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ ملڪ عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. حڪومت ڪورونا جي دوران پيدا ٿيندڙ مهانگائي جي عالمي بحران ۾ عوامي ريليف کي ا??لين ترجيح ڏني. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي اث??ن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي ا??لين ترجيحن ۾ شامل آهي. اجلاس کي ملڪي مجموعي ا??تصادي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازي ڇڪتاڻ جي صورتحال جي ڪري عالمي سطح تي تيل جون قيمتون 100 ڊالر في بيرل کان وڌي ويون آهن جڏهن ته گئس جي قيمتن ۾ پڻ ٽي کان پنجوڻ تي اضا??و ٿيو آهي. ان سان گڏوگڏ کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي پام آئل (کاڄرو تيل) جي قيمتن ۾ پڻ اضا??و ٿيو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي احساس پروگرام جي مختلف اسڪيمن ۽ عوامي ريليف جي لاءِ انهن ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.