اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪائونسل آف منسٽرز جي ڊپٽي چيئرپرسن ۽ بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويچ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ترڪويچ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات دوران بوسنيا ۽ ه??زيگووينا سان پاڪستان جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا سميت سلامتي ۽ ٻين علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بوسنيا جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بوسنيا ۽ ه??زيگوينا سان پاڪستان جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ انهن لاڳاپن کي سماجي، اقتصادي ۽ ت??لي?? جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي وسيع تناظر ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويچ پنهنجي ملڪ جي تازه ترين سياسي اڳڀرائي جي باري ۾ پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو ۽ بوسنيا ۽ ه??زيگووينا جي عوام جي حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم بوسنيا ۽ ه??زيگووينا جي خود??خت??اري ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم آهي.