اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم جي ڪردار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب شا??ه محمود قريشي اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ??رڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي افتتاحي ا??لا?? کي خطاب ڪندي چيو ته بطور ميمبر پاڪستان اسلامي ملڪن جي ??چ ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏيندو. پرڏيهي وزير شا??ه محمود قريشي او آءِ سي تي زور ڏنو ته مسلمان امت کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ گڏيل ردعمل جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته او آءِ سي اٽڪل 2 ارب مسلمانن جو گڏيل آواز آهي. اها مسلمان ملڪن ۽ عالمي برادري جي ??چ ۾ هڪ پل آهي. مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ پاڪستان جي ??رڏيهي پاليسي جي ??رڪزي ٿنڀن مان هڪ آهي. هن چيو ته او آءِ سي ا??لا?? جي 48 هين ا??لا?? جي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان جو بنيادي هدف مسلمان ملڪن جي ??چ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ هوندو. فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ڪندي شا??ه محمود قريشي چيو ته فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ??مُون ۽ ڪشمير جا مسلمان هينئر به غلامي جو شڪار آهن. هن چيو ته اسان کي قراردادن کي اختيار ڪرڻ کان اڳتي وڌي انهن تڪرارن جي ??ستقل حل جي ??اءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن.