اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته پاڪستان ٽيلي ويزن 4 ارب روپين جو روي??يو ٽارگيٽ حاصل ڪيو آهي جيڪو تاريخ جو سڀ کان وڏو روي??يو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته پي ٽي وي جڏهن اسان کي ملي ته مڪمل ڏيوالو نڪتل هئي، اسان مختصر عرصي ۾ پي ٽي وي جي ٻن چئنلز کي ڊجيٽل ڪيو ۽ پي ٽي وي جو بزنس ماڊل ٺاهي ڇڏيو جنهن جي ڪري پي ٽي وي اڄ انهن ادارن ۾ شامل آهي جيڪي منافعي ۾ آهن. پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته 22 پريس ڪلب هن س??ل ڊجيٽل اسٽوڊيوز ۽ ليب ??ي لاءِ چونڊيا ويا آهن انهن پريس ڪلبن کي ماڊرن اسٽوڊيو ۽ ايڪيوئپمنٽ ملندو جنهن س??ن مقامي صحافي ڊجيٽل صحافت جا جديد رموز استعمال ڪري سگهندا، ان اسڪيم ۾ فرنيچر ۽ سائونڊ سسٽم به اپ گريڊ ڪيا ويندا، وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پهرين مرحلي ۾ انهن 22 پريس ڪلبن جي فهرست به شيئر ڪئي جنهن ۾ ڊجيٽل اسٽوڊيوز جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. انهن پريس ڪلبن ۾ حيدرآبا?? پريس ڪلب، سکر پريس ڪلب، بدين پريس ڪلب، ٺٽو پريس ڪلب، ملتان پريس ڪلب، فيصل آبا?? پريس ڪلب، ميانوالي پريس ڪلب، جهلم پريس ڪلب، لاهور پريس ڪلب، جهن?? پريس ڪلب، ڪوئيٽا پريس ڪلب، تربت پريس ڪلب، گوادر پريس ڪلب، حب پريس ڪلب، پشاور پريس ڪلب، چترال پريس ڪلب، بنون پريس ڪلب، ايبٽ آبا?? پريس ڪلب، اسڪردو پريس ڪلب، گلگت پريس ڪلب، مظفر آبا?? پريس ڪلب ۽ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد شامل آهن.