اسلام آباد – 23 – اپريل (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 اپريل تي اتر وزيرستان ۾ حملي جي ??هيدن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ان موقعي تي صدر شهيدن جي پونيئرن سان همدردي جو ??ظهار ڪيو ۽ شهيدن جي لاءِ درجن جي ??لندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي ??عا ڪئي. صدر حوالدار طارق يوسف، سپاهي اعجاز حسين، سليمان وقاص جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي وقار احمد، محمد جواد ۽ ارشد علي جي پونئيرن سان پڻ افسوس جو ??ظهار ڪيو. صدر عارف علوي 12 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ حملي ۾ شهيدن جي وارثن سان پڻ تعزيت جو ??ظهار ڪيو. هن ميجر شجاعت حسين ۽ سپاهي عمران خان جي پونئيرن سان پڻ تعزيت ڪئي.