اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته ٻوڏ متاثرن کي ??بي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هيلٿ ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن چيو ته ٻوڏ جي هنگامي صورتحال ۾ هيلٿ ڪيمپن مان ماڻهن کي رليف ملندو. هن چيو ته لسٻيلا سميت بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ هيلٿ ڪيمپون ڪم شروع ڪري چڪيون آهن. هن چيو ته سنڌ جي 7 ضلعن قمبر شهدادڪوٽ، دادو، نوشهرو فيروز، سانگهڙ، مٽياري ۽ بدين ۾ پڻ هيلٿ ڪيمپ لڳايا ويا آهن. هن چيو ته هيلٿ ڪيمپن ۾ دوائن سميت فري صحت سهولتون ??راهم ڪيون ??يون ??ڃن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي ??بي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير ??يو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، اسان ڏک ۽ مصيبت جي هن گهڙي ۾ عوام سان گڏ آهيون.