اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رستن ۽ بجلي جي فراهمي بحال ڪرڻ جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي، تيمر گره – باجوڙ 132 ڪي وي ٽرانسميسن لائين، گوادر کان رتوديرو موٽروي ايم 8 جو آپريشن سيڪشن بحال ڪيا ويا آهن. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? بحالي جي ڪمن جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي جڏهن ته کيس روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي. گوادر کان رتوديرو موٽروي ايم 8 جو آپريشنل سيڪشن ٽريفڪ جي لاءِ بحال ڪيو ويو. ايم 8 وان??و هلز جي جڳهه کان لينڊ سلائيڊن ڪليئر ڪئي وئي. ايم 8 موٽروي بحال ٿيڻ سان گوادر، آواران، خضدار ۽ رتوديرو جي لاءِ ٽريفڪ بحال ٿي وئي آهي. ايم 8 موٽروي سيڪشن کي مسافرن جي آساني جي لاءِ هڪطرفو کوليو ويو آهي. تيمر گره – باجوڙ 132 ڪي وي ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي وئي. باجوڙ ۽ منڊا گرڊ اسٽيشنز تي معمول جا آپريشنز بحال ٿي ويا. ڀان سعيد آباد کي متبادل ذريعي سان بجلي سپلائي ڪئي پئي وڃي. وارا جي ڳوٺ کي قمبر گرڊ اسٽيشن مان بجلي سپلائي ڏني وئي وڃي. وزير??عظ?? جي هدايت تي نيشنل هاءِ وي ??ٿا??ٽي ۽ پاور ڊو??زن بحالي جي ڪمن تي ڏينهن رات مقرر آهن.