اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هڪ سال ۾ 5 ملين ڊالر جو برآمدي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي ۽ ٽ??لي ڪام سيڪٽر کي سهولتون فراهم ڪندي، آءِ ٽي ۽ ٽ??لي ڪام جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي جنهن کي کولڻ جي ضرورت آهي، حڪومت ان کي ملڪ جو هڪ مضبوط شعبو بڻائڻ جي لاءِ درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سموريون سهولتون ۽ پاليسي مدد فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽ??لي ڪام سيڪٽر جي ترقي لاءِ هڪ ڀرپور حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ آءِ ٽي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي جي توسيع ۽ ترقي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽ??لي ڪام سيڪٽر کي هڪ سال جي اندر 5 بلين ڊالر جو هدف حاصل ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت انڊسٽري ليڊرز جي مشاورت سان هڪ ٺوس پئڪيج جي ذريعي پنهنجو ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي چيو ته هو واشنگٽن مان واپسي ??ي ٽاسڪ فورس جو اجلاس طلب ڪري ۽ پاليسي ??فارشون جوڙي. وزيراعظم چيو ته هي منصوبا آءِ ٽي ٽريننگ ۽ انڪيوبيشن سينٽرز، ڪال سينٽرز، ٽيلڪوز، خودمختيار ٽيڪنالاجي پارڪس (ايس ٽي پي)، سافٽ ويئر هائوسز ۽ فري لانسنگ جي ڪم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جاري آهن ته جيئن ان اميد جوڳي سروس سيڪٽر کي تيزي سان ترقي ڏئي سگهجي. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اٽڪل 40 هزار آءِ ٽي پروفيشنلز جي افرادي قوت سان پاڪستان جو آءِ ٽي ۽ ٽ??لي ڪام جو شعبو ترقي ڪري رهيو آهي. اها 2.6 بلين ڊالر جي سالياني آءِ ٽي روانگي واپار سان فري لانسرز جي چوٿين سڀ کان وڏي مارڪيٽ ۽ ايمازون تي سڄي دن??ا ۾ ٽيون سڀ کان وڏو ري سيلر آهي، ملڪ ۾ وڌندڙ موبائيل فون مينوفيڪچرنگ جي صلاحيت سان ان جا اٽڪل 195 ملين موبائيل فون صارفين آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان جي مڪمل ترقي جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ پاڪستان کي دن??ا ۾ آءِ ٽي آئوٽ سورسنگ حب طور پيش ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي جي برآمدات جي سمورن امڪاني جاين خاص طور تي نار تعاون ڪائونسل (جي سي ??ي) جي خطي ۾ ان جي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڀرپور مارڪيٽنگ مهم جي سخت ضرورت آهي. وڌيڪ اهو ته آءِ ٽي ۽ ٽ??لي ڪام سيڪٽر جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ، ايف بي آر ۽ ايس اي سي پي جي ضابطن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس پئڪيج پڻ وقت جي ضرورت آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ملڪ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽ??لي ڪام سيڪٽر جي فروغ ۽ ترقي جي لاءِ امڪاني قدم کڻن. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شيزه فاطمه خواجه، آءِ ٽي ۽ ٽ??لي ڪام سيڪٽر جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.