اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ڪارڪردگي ۽ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي ۽ جدت آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جي دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ترقي جي وڏي صلاحيت موجود آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز واه جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. صد?? کي پاڪستان جون دفاعي ضرورتون پوريون ڪ??ڻ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته جديد ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري ۽ انساني وسيلن جي سگهه مسلسل اضافي سان ان صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. صد?? چيو ته موجوده منڊين ۾ پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ چين سپلائي جي شعبي جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ضروري آهي. پاڪستاني دفاعي مصنوعا?? اعليٰ معيار رکندڙ، موثر، مختلف حالتن ۾ قابل اعتماد ۽ گهٽ قيمت آهن. صد?? پاڪستان جون دفاعي ضرورتون پوريون ڪ??ڻ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستاني فوج ۽ ٻي?? سيڪيورٽي ايجنسين جون ضرورتون پوريون ڪ??ڻ ۾ فيڪٽري جي ڪردار کي ساراهيو. صد?? آرڊيننس فيڪٽري جي مختلف حصن جو دورو ڪيو جتي هن کي پيداواري عمل تي بريفنگ ڏني وئي. ڊاڪٽر عارف علوي تيار ڪيل ۽ ڊسپلي تي موجود مختلف دفاعي مصنوعات ۾ گهري دلچسپي ورتي.