اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي ميدان خوني ميدان نه بڻجڻ گهرجن، پاڪستان جي سياست اهڙن واقعن کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، جيستائين پنجاب حڪومت، پنجاب جي وڏي وزير ۽ پنجا?? پوليس پاران واقعي جي حتمي رپورٽ جاري نه ٿي ٿئي، غيرضروري بيانن ۽ قياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي، اسان جي لفظن جي چونڊ تمام اهم هوندي آهي، اهڙا لفظ استعمال نه ڪيا وڃن جيڪي اشتعال جو سبب بڻجي سگهن ٿا، پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان، ??ين??ٽر فيصل جاويد ۽ ٻين زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، واقعي ۾ عمران خان ۽ ??ين??ٽر فيصل جاويد زخمي ٿيا، انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته ميڊيا رپورٽس موجب عمران خان کي ڪنٽينر کان اسپ??ال آندو ويو آهي، جتي ان جي سي ٽي اسڪين ٿي رهي آه??. ه?? چيو ته سياسي ميدان خوني ميدان نه بڻجڻ گهرجن، اسان اهڙي قسم جي سياست جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف راڻا ثناءُ الله کي چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ آءِ جي پنجاب کان فوري طور تي رپورٽ طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي حڪومت واقعي جي جاچ ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪند??. ه?? چيو ته واقعو پنجاب حڪومت جي حدن ۾ ٿيو، پنجاب جي پوليس، پنجاب جي انتظاميا، پنجاب جي انٽيليجنس ان واقعي تي پنهنجي رپورٽ ڏين، پنجاب جي وڏي وزير کي گهرجي ته هو واقعي جي رپورٽ طلب ڪر??. ه?? چيو ته پنجاب جو وڏو وزير ميڊيا تي اچي پنهنجي حڪومت ۽ پنجاب جي اندر ان واقعي جي حوالي سان حقيقتن کان عوام کي آگاهه ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فائرنگ ڪندڙ شخص گرفتار ٿي چڪو آهي، ان تسليم ڪيو آهي ته هن عمران خان کي گولي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس ان جو بيان رڪارڊ ڪري رهي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته پنجا?? پوليس فوري طور تي واقعي جي جڳهه کي سيل ڪري، اتان ئي جاچ جي شروعات ٿيڻ گهرج??. ه?? چيو ته اڄ جي واقعي مان سبق سکڻ گهرجي، اهڙن واقعن تي سياست نه ڪئي وڃ??. ه?? چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جي هڪ ذميوار عورت انتهائي غيرذميواراڻو بيان ڏنو ته راڻا ثناءُ الله حملو ڪرايو آه??. ه?? چيو ته اهڙن روين ۽ غيرذميواراڻن بيانن جا اثر عوام کي ڀوڳڻا پون ٿا. هن عمران خان، فيصل جاويد ۽ ٻين زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ انهن کي جلد کان جلد صحتيابي فرمائ??. ه?? چيو ته پاڪستان جا سياسي ميدان خوني ميدان نه بڻجڻ گهرجن، اسان کي پنهنجي روين ۽ ذميواري سان ان کي صحيح ڪرڻو آه??. ه?? چيو ته پنجاب حڪومت کي گهرجي ته اها فوري طور تي حقيقتون ۽ شروعاتي جاچ عوام تائين پهچائ??. ه?? چيو ته پنجاب حڪومت کي به ٻڌائي ڇڏيو آهي ته واقعي جي جاچ ۾ ڪنهن به قسم جو تعاون گهربل هجي، فراهم ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جن سان وڌيڪ انتشار پکڙجڻ جو انديشو هجي. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي.