اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) آمريڪي سينٽرل جي ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ جي قيادت ۾ آمريڪي وفد نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو دورو ڪيو ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سا?? ملاقات ڪئي. وفد پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپو ٿيل نقصانن ۽ بحالي جي قدمن جي حوالي سا?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مستقبل جي حوالي سا?? گڏيل سهڪار ۽ قدمن لاءِ لائحه عمل ??وڙڻ تي غور ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽرمينيجمينٽ جهڙن معلومات ۽ تحقيقي ادا??ن جي جوڙجڪ کانسواءِ عالمي ۽ علائقائي پليٽ فارمز تي اين ڊي ايم اي جي ڀرپور نمائندگي تي زور ڀريو. هن نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر کي جديد ۽ فعال بڻائڻ سا?? گڏوگڏ مستقبل ۾ امڪاني خط??ن جي تعين ۽ ان حوالي سا?? مڪمل ??ياري لاءِ ٻطرفي تجربن جي مٽاسٽا، مشقن جي انعقاد ۽ فني شعبن ۾ مدد ۽ سيڙپڪاري جي اهميت تي زور ڀريو. هن پاڪستان ۾ آَفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سا?? ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۽ ايمرجنسي ريسپانس کي درپيش مشڪلاتن ۽ چئلينجن جو پڻ ذڪر ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين جو چوڻ هو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ 7 نمبر تي آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ ٻوڏ دوران پاڪستان جي ريسڪيو ۽ رليف جي ڪوششن کي ساراهيندي ٻوڏ متاثرن لاءِ يو ايس ايڊ ذريعي امداد جاري رکڻ لاءِ آمريڪي حڪومت جي مدد جي خاطري ڪرائي. اين ڊي ايم اي چيئرمين مشڪل جي هن گهڙ ي۾ پاڪستان جو دور ڪرڻ تي آمريڪي فوج جي وفد جو ٿورو مڃيو ۽ مستقبل ۾ آمريڪي تجربن مان فائدو کڻڻ جي اميد ظاهر ڪئي.