ڪراچي – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري پريس ڪلب ملتان جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري نئين چونڊيل صدر شڪيل انجم، جنرل س??ڪر??ٽري نثار اعواڻ، نائب صدرن خالد چوڌري، نعمان خان بابر، جوائنٽ س??ڪر??ٽريز رائو محمد آص??، اياز علي شيخ، خازن فرحان ملغاڻي سميت سمورن ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول ڀٽو زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار پريس ڪلب ملتان جي سمورن ميمبرن جي اميدن تي پورو لهندا. هن چيو ته ملتان جي صحافين جمهوريت ۽ اظهار جي آزادي جي جدوجهد ۾ سدائين فرنٽ لائين سپاهين جو ڪردار نڀايو آهي.