اسلام آباد – 02 ??? م??رچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پنجاب ۽ ڪيليفورنيا واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، تعليم سميت گڏيل دلچسپي جي ??عبن ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي ??ياستي اسيمبلي جي ڪرس هولڊن جي قيادت ۾ 4 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي ٻين م??مب??ن ۾ اسيمبلي م??مب?? ايلوائس ريئس، مائيڪ گپسن ۽ وينڊي ڪيريلو شامل هئا. ڪيليفورنيا جي ??سيمبلي م??مب??ن جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا گذريل سال سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائي. ان پس منظر ۾ 9 جنوري 2023ع تي ڪيليفورنيا ۽ پنجاب جي وچ ۾ ”سسٽر اسٽيٽ ريزوليوشن“ تي صحيحون هڪ خوش آئنده اڳڀرائي آهي. پنجاب ۽ ڪيليفورنيا گڏيل دلچسپي جي ??عبن بشمول واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم عو??م سان عوام جي ??ابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستاني ڄائي آمريڪين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڪرس هولڊن وفد جي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڏنو.