بيجنگ- 19 مئي (اي پي پي) چين سرڪاري طور تي اعلان ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غير قانوين قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ٿيندڙ گرو?? 20 ??جلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بن ڪالهه انٽرنيشنل پريس سينٽر ۾ رٿ??ل پنهنجي باقاعده بريفنگ دوران چيو ته چين تڪراري علائقن ۾ گرو?? 20 ??جلاسن جي ??نهن به شڪل جي رٿڻ جي سختي سان مخالفت ڪري ۽ هو اهڙي طرح جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪندو. ياد رهي ته ڀارتي اخبار هندستان ٽائيمز گذريل ڏينهن پنهنجي رپورٽ ۾ امڪان ظاهر ڪيو هو ته چين ۽ ترڪيه سرينگر ۾ رٿ??ل گرو?? 20 ??جلاس ۾ شرڪت نه ڪندا. نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت 22 کان 24 مئي دوران والاريل ڪشمير جي ??رمائي گادي واري هنڌ سرينگر ۾ گرو?? 20 ??جلاس منعق?? ڪري رهي آهي. مودي حڪومت طرفان عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري خطي ڄمو ڪشمير ۾ گرو?? 20 ??جلاس رٿڻ جو اهو قدم گڏيل قومن جي ??ارٽر ۽ عالمي قانونن جي سڌي ريت ڀڃڪڙي آهي.