اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي موجوده مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لا??ِ قومي ترجيحن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي م??ڪلاتن مان ڪڍڻ جي لا??ِ قومي ترجيحن تي نظرثاني لا??مي آهي، سمورن ادارن جي قيادت جي ذميواري آهي ته اهي وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سينيئر آفيسرز ليڊرشپ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالها??ين??ي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي ۽ معاشري م??ن اڻبرابري جي خاتمي جا وڏا چئلينجز درپيش آهن، غربت تي ضابطو آڻڻ، معيشت جي بهتري، آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر ملڪ ۾ درگذر ۽ انسانيت سان محبت جي جذبي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته 9 مئي تي ٿيندڙ واقعن سان شديد تڪليف پهتي، ماضي ۾ فيصلاسازي ۾ دير ملڪي ترقي کي روڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين سان هم آهنگ رهڻ جي لا??ِ تيز رفتار فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ترقي جي لا??ِ نوجوانن جي تعليم ۽ هنرمندي تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. صدر چيو ته ملڪ ۽ عوام کي سائبر خطرن کان بچائڻ جي لا??ِ پاڪستان کي پنهنجي سائبر صلاحيتن کي م??بوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، غربت جي خاتمي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لا??ِ تعليم ۽ صحت مرڪزي ٿنڀ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي م??ياري تعليم ۽ صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته تعليمي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي کانسواءِ آن لا??ين تعليم اختيار ڪري ٻارن کي تعليم ڏئي ??گه??ي ٿي.