ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز اتحاد ۽ يڪجهتي ۾ آهي، ڪي – فور منصوبي کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ اولين ترجيح تي رکنداسين، اتحادي پارٽي?? جي گڏيل مشاورت، ڪابينا ۽ پارليامينٽ ۾ اتحاد ۽ اتفاق گذريل هڪ سال دوران ڪئي ويندڙ ??نهن سمورين سازشن کي دفن ڪري ڇڏيو جن جون ڪڙيون سمنڊ پار تائين آهن، 9 مئي تي شرپسندن عمران خا?? جي اتساهڻ تي فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، ا?? جي ذميوارن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. ڪي – فور منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ان تقريب ۾ خوشي ٿي ته هن شهر جون ٻه وڏيون پارٽيون پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جيڪي وف??ق ۾ حڪومت جو حصو آهن، انه?? جي اڳواڻن دل ۾ مٺيون ڳالهيون ڪيو?? جيڪي قومي يڪجهتي ۽ هن ملڪ جي امن لاءِ خوش آئنده آهن، ان ۾ ئي پاڪستا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز لڪل آهن، اتفاق ۽ اتحاد ۾ برڪت آهي، وف??ق جي اتحادي حڪومت گذريل هڪ سال جي چئلينجز، گڏيل مشاورت ۽ ٻڌي سان ان کي منهن نه ڏي ها ته اڄ صورتحال بلڪل مختلف هجي ها، گڏيل مشاورت ۽ اتحاد سان گذريل سال جي بدترين ٻوڏ، مهانگائي، آءِ ايم ايف سان لاڳاپيل مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي، ملڪ ۾ هڪ سال کان سياسي افراتفري پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي وئي جنه?? جي 9 مئي جي المناڪ ترين واقعن تي ا?? جي پڄاڻي ٿي، پاڪستا?? جي تاريخ ۾ اهو هڪ ڪارو ترين ڏينهن هو، اتحادي پارٽي?? جي گڏيل مشاورت، ڪابينا ۽ پارليامينٽ ۾ اتحاد ۽ اتفاق گذريل هڪ سال دوران ڪئي ويندڙ ??نهن سمورين سازشن کي دفن ڪري ڇڏيو جن جون ڪڙيون سمنڊ پار تائين آهن. هن چيو ته جهڙي طرح 9 مئي تي عظيم شهيدن ۽ غازي?? جي يادگارن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي عمران نيازي جي اتساهڻ تي انهن جٿن حملا ڪيا اهو تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي، انهن واقعن تي شهيد?? جي وارثن جون اکيون آليون ۽ دل ڏکويل آهن، تڪريم شهداءِ ڪنوينشن ۾ ڏيکاري ويندڙ ڊاڪيومينٽري تي هر اک ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي، شهيد قوم جا عظيم فرزند آهن جن وط?? جي خاطر پنهنجون جانيون ڏئي قوم جي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، هڪ سال جي سياسي افراتفري جي ڪري پاڪستا?? جي ترقي جو سفر متاثر ٿيو. وزيراعظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري منهنجي لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي ان جو ٿورائتو آهيان، گڏجي ملڪ جا مسئلا حل ڪنداسين ۽ ملڪ جي ٻيڙي کي ڪناري تي لڳائينداسين، مشڪلاتون ۽ چئلينجز آهن جڏهن ته اسان حوصلو نه هارينداسين، مهانگائي سميت انهن بحرانن ۽ چئلينجن کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته جهڙي طرح ڪي – فور منصوبي کي سردخاني جي حوالي ڪيو ويو ۽ ان تي سياست ڪئي وئي اها افسوسناڪ ڳالهه آهي، اڳوڻي وزيراعظم پاران ان منصوبي ۾ ڪرپشن ۽ چور چور جا الزام هڻي ڪراچي جي عوام کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪيو ويو، هو سنڌ حڪومت ۽ ايم ڪيو ا??م کي گڏ ويهاري ان منصوبي کي مڪل ڪري ها، ان اڳوڻي وزيراعظم پاڪستا?? جي هر منصوبي ۽ هر شعبي ۾ فتني تي ٻڌل سوچ اختيار ڪئي، انا پرستي رکندڙ ??هو شخص ڏينهن رات چور چور ۽ ڌاڙيل ڌاڙيل جا نعرا هڻندو رهيو ۽ اڄ جڏهن پاڻ ڪرپشن ۾ پڪڙيو ويو ته جلاءُ گهيراءُ ڪرائڻ تي لهي آيو. هن چيو ته ملڪ ۾ وڏا حادثا ٿيا پر ڪنهن به سياسي پارٽي يا ليڊر فوجي ٺڪاڻن تي حمل?? جي ڳالهه نه ڪئي، قائداعظم جي گهر تي حملو نه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪي – فور منصوبي کي فوري طور تي مڪمل ٿيڻ گهرجي، ڪجهه سبب?? جي ڪري منهنجا دورا التوا جو شڪار ٿيا، واپڊا چيئرمين جڏهن اين ايل سي جو ڊي جي هو ته ان کان ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪرايا، ڪي – فور منصوبي جي پڄاڻي ۾ به اهڙي طرح جي ڪارڪردگي ڏيکارينداسين. هن واپڊا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو تسلسل سان ان منصوبي جي پرگهور لهي، صوبائي حڪومت ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون ڪندي. وزيراعظم چيو ته منهنجي لاءِ هي منصوبو سمورن منصوبن کان وڌيڪ اهميت رکندڙ ??هي، ڪراچي جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي انهن جو حق آهي، هتي پاڻي خريد ڪيو وڃي ٿو، ڪراچي پاڪستا?? جي معيشت جو گيٽ وي آهي، سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس هي شهر ڏي ٿو، جيڪڏهن انهن کي پيئڻ جو پاڻي دستياب نه آهي ته اهو ڪنهن به صورت ۾ جائز نه آهي، ان منصوبي کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ اولين ترجيح تي رکيو ويندو ته جيئن اهو منصوبو مڪمل ٿئي. هن ان موقعي تي خاص معاون طارق باجوه کي هدايت ڪئي ته ان منصوبي تي خصوصي ڌيان ڏيڻو آهي ۽ ا?? جي لاءِ فنڊز مهيا ڪرڻا آهن، ان سلسلي ۾ ڪو جواز برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته ڪي – فائيو جي لاءِ پاڻي جي فراهمي ۾ مسئلا آهن، 1991ع جي پاڻي جي معاهدي ۾ ڪراچي جي لاءِ جيڪڏهن جدا کان ڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي ته ان کي ڏسنداسين. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن تي قائد کان اسان شرمنده آهيون، جيڪڏهن ڪيپيٽل هل تي حملي جي ذميوارن کي سزائون جائز آهن ته 9 مئي جي واقعن تي جيڪڏهن ذميوارن کي قانون موجب سزائون ملن ٿيون ته ان تي ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي.