اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??امونڊي ط??فا?? جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياريون ڪري ورتيون آهن، ماڻهن کي سامونڊي علائقن مان محفوظ جاين تائين منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، موسمياتي تبديلي واري ??فا??ي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي صورتحال جي نگراني ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ??امونڊي ط??فا?? بپرجوائي جي ڪيٽي بندر سان ٽڪرائڻ جي امڪانن جي ڏس ۾ سمورا لاڳاپيل حڪومتي ادارا ماڻهن جي اڳواٽ ريسڪيو کي يقيني بڻائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هن هدايت ڪري ڇڏي آهي ته ??امونڊي علائقن ۾ رهندڙ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي حفاظتي جاين تائين پهچايو وڃي جتي انهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ خوراڪ سان گڏوگڏ ط??فا?? جي خاتمي تائين رهائش ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته ??پرجوائي سان پيدا ٿيندڙ امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي واري وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي ۾ لاڳاپيل ??فا??ي وزير ۽ ??فا??ي ۽ صوبائي ادارن جا نمائندا شامل آهن جيڪي مسلسل ان ط??فا?? جي نگراني ڪري ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 24 ڪلاڪ رابطو بحال رکندا. هن چيو ته ڪراچي ۾ به برساتن ۽ تيز هوائن جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال جي لاءِ تياري ڪئي وئي آهي جڏهن ته ??امونڊي مُهاڻن ۽ سامونڊي علائقن تي آبادي جو انخلا تيزي سان جاري آهي، الله تعاليٰ هن قومي ڪوشش سان اسان کي پنهنجي شهرين کي ان ط??فا?? جي نقصانن کان محفوظ رکندو.