اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ترڪ صدر رجب طيب ارد??ان ٽيليفون ڪري يونان ويجهو روم سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي ۾ پاڪستانين جي فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيه جي صدر ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستانين جي گهرڀاتين جي لاءِ ترڪيه حڪ??مت ۽ عوام پاران همدرديءَ جو پيغام پهچايو. صدر رجب طيب ارد??ان واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم تعزيت ۽ همدرديءَ جي جذبن تي ترڪ صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني حڪ??مت ۽ عوام ترڪ صدر ۽ ترڪ عوام جي جذبن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.