اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ح??ا رباني کر چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري کي اسلام آباد ٻن خودمختيار ملڪن جي لاڳاپن کي سـٺي نظر سان ئي ڏسڻ چاهيندو پر دنيا کي به اهو ڏسڻو پوندو ته اسان جي پاڙيسري جي ڪري تڪرار ح?? نه پر وڌيڪ ٿي رهيا آهن. آمريڪي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت 2019ع ۾ پاڪستان جي خلاف ويڙهاڪ جهازن جي ذريعي جارحيت ڪئي. حنا رباني کر چيو ته ريجنل سيڪ??ور??ي جي حوالي سان ڀارت پاران جيڪو موقف اختيار ڪيو پيو وڃي دنيا کي ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ گهرجي ته خطي تي ان جا ڪهڙا اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته ان سان خطي ۾ تڪرار ح?? ٿيڻ بدران تڪرار موجود رهندا جيڪو خطي جي لاءِ سٺو نه ٿو ٿي سگهي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪا به شيءَ خطي ۽ پاڪستان جي لاءِ غلط نه هجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ڏهاڪن تائين پاڪستان جا اولهه دنيا سان ويجها رابطا رهيا آهن، آمريڪا ۽ ??ور?? سان گڏوگڏ پاڪستان جا چين سان به اسٽريٽجڪ لاڳاپا رهيا آهن، اسان ٻنهي سان لاڳاپن کي قائم رکڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان کي پناهگيرن جي مسئلن ۽ موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. حنا رباني کر چيو ته ??ور??ي يونين سان رڳو جي ايس پي پلس اسان جي لاڳاپن کي ظاهر نه ٿو ڪري، ??ور??ي يونين سان اسان جا سمورين سطحن تي لاڳاپا وسيع بنياد تي قائم آهن. هن چيو ته ??ور??ي يونين جو به پاڪستان سان واپار وڌيو آهي، ??ور??ي يونين جي ڪيترن ئي ملڪن کي هنرمند افرادي قوت جي ضرورت آهي، انهن کي قانوني مائيگريشن جي لاءِ رستن کي کولڻ گهرجي، غيرقانوني مائيگريشن تي پاڪستان کي به اعتراض آهي.