اسلام آباد – 21 – ??ون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يونان ٻيڙي حادثي جي جاچ ڪميٽي کي ڪ??رروائي مڪمل ڪري واقعي جي جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته واقعي جي ذميوارن کي جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ يونان ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي اعليٰ سطح جو ??جل??س ٿيو. ??جل??س ۾ وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي، ڊي جي ايف آءِ اي، چيف سيڪريٽري آزاد ڪشمير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي يونان ويجهو روم سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پڇاڻو ڪيو ته ا??سا??ي اسمگلرن ??ون ڪارروايون وقت سر ڇو نه روڪيون ويون؟ وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته متاثر ماڻهن جو جن ضلعن سان تعلق آهي اتان جي انتظاميا ملوث اسمگلرن ۽ ايجنٽن جي ڪ??ررواين جو وقت سر نوٽيس ڇو نه ورتو؟ وزيراعظم گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي جاچ جي مڪمل نگراني ڪ??ڻ ۽ ذميوارن کي سزا ڏيارڻ جي حوالي سان ضروري قانونسازي جي لاءِ تجويزون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ??جل??س ۾و زيرعاظم کي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ??جل??س کي ٻڌايو ويو ته يوناني ڪوسٽ گارڊ 12 ??ون تي ٻيڙي جي نشاندهي ڪ??ي جنهن ۾ هڪ اندازي موجب 700 جي لڳ ڀڳ ماڻهو سوار هئا. ٻيڙي مصري شخص جي ملڪيت هئي جنهن ۾ اڪثر سوارن جو تعلق شام، ليبيا ۽ پاڪستان سان هو. ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن مان 102 ماڻهن کي زندهه ريسڪيو ڪيو ويو آهي جن مان 15 جو تعلق پاڪستان سان آهي. وزيراعظم چيو ته ٻيڙي اونڌي ٿيڻ کانپوءِ هن وقت تائين مجموعي طور تي 15 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن ۾ ان واقعي جو مرڪزي جوابدار به شامل آهي. ??جل??س کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ا??سا??ي اسمگلنگ ۾ مختلف ملڪن ۾ موجود هڪ منظم نيٽ ورڪ ملوث آهي. وزيراعظم ان معاملي جي تفصيلي جاچ کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ايف آءِ اي کي ان جي روڪٿام جا موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڪمشنر گوجرانوالا کي پڻ ضلعي ۾ اهڙن ايجنٽس جي نشاندهي ڪ??ي انهن کي جلد قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.