اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي شيراني ۽ ڪيچ ۾ ميجر ثاقب حسين سميت 6 سيڪيورٽي اهلڪارن ??ي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان واقعي تي سڄي قوم ڏکويل آهي، شهيدن جو مقدس رت قوم تي قرض آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قوم جي بهادر فرزندن جي قرباني سان ئي پاڪستان جو ام?? ۽ سلامتي ممڪ?? آهي، اسان جي فوج جا بهادر جوان اندروني ۽ ٻاهرئين دشمنن جي خلاف شيهي جي ديوار بڻيل آهن، اهڙيون سڀئي ڪوششون جيڪي بلوچستان جي ام?? کي نقصان پهچائڻ چاهيون ٿيون، ان جي حوالي سان اسان جو قو??ي عزم مضبوط آهي. هن چيو ته بلوچستان جو ام?? ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي لاءِ سڀ کان مٿانهو?? آهي.