اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ اي?? اي?? سان معاهد?? جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ??رڻ تي سريلنڪا جي صدر جا ٿورا مڃيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڀ??ور مان جلد نڪري اي??دا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف آءِ اي?? اي?? سان معاهد?? جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ??رڻ تي سريلنڪا جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته توهان پاڪستان جي دوست ۽ خيرخواهه جو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي عوام پاران توهان جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها بااعتماد دوست آهن، علائقائي ترقي ۽ امن جي لاءِ سريلنڪا جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اميد آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڀ??ور مان جلد نڪري اي??دا. سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جي اظهار تي ٿورا مڃيا ۽ جوابي خيرسگال?? جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اسان جو ويجهو دوست آهي، دوستن جي مدد ??رڻ ئي دوستي آهي. سريلنڪا جي صدر وزيراعظم شهباز شريف جي مشڪل حالتن ۾ ڪوششن کي ساراهيو. سريلنڪا جي صدر آءِ اي?? اي?? معاهدو طئي ٿيڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي آءِ اي?? اي?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽڙ ڪرسٽلينا جارجيوا سان ملاقات جي موقعي تي سريلنڪا جي صدر زور ڏنو هو ته آءِ اي?? اي?? پاڪستان جي مدد ڪري. سريلنڪا جي صدر اي?? ڊي آءِ اي?? اي?? کي چيو هو ته ڪنگال ٿيڻ جي ڪري سريلنڪا کي سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿيڻو پيو، پاڪستان کي ان صورتحال کان بچايو وڃي.