اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ما??ديپ ۽ پاڪستان جي گڏيل مفاد ??ي لاءِ واپاري ۽ اقتصدي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي سگهه ڏيڻ سان گڏوگڏ ما??ديپ کي پاڪستاني مصنوعات برآمد ڪرڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستان ما??ديپ سان پنهن??ي لاڳاپن کي ٻطرفي ڏس سميت سارڪ، او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي فريم ورڪ ۾ تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ما??ديپ جي عهدو ڇڏيندڙ ??اء?? ڪمشنر فرزانه ظاهر سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ??ن قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تب??يلي جي شدت کي منهن ڏيڻ ??ي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته موسمياتي تب??يلين سان ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ٻنهي کي هڪ جهڙو خطرو آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ما??ديپ کي سياحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ هڪ ٻئي جي تجربن ما?? سکڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت پاران مسلمانن جي خلاف فرق ۽ انهن تي ظلم انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي، عالمي برادري کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران مسلمانن خاص طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. صدر سارڪ جا مقصد حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ تنظيم جي ڪردار تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اسلامي ملڪن کي اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ ??ي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر عهدو ڇڏيندڙ ??اء?? ڪمشنر کي ان جي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان پڄاڻي تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ما??ديپ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ??ي لاءِ ??اء?? ڪمشنر جي ڪوششن کي ساراهيو.