لاهور-06 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف نوابشاهه ويجهو ڪراچي کان ايندڙ هزاره ايڪسپريس جي حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ريلوي عملدارن کي حادثي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جا??ي بيان مطابق وز??راعظم حادثي ۾ فوتين لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. وز??راعظم انتظاميا کي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي ۽ ريلوي عملدارن کي حادثي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم، پ??ڪس??ان ريلوي، ريسڪيو ۽ پاڪ فوج جي اهلڪارن جي مسافرن کي وقت سر امدادي ڪوششن کي ساراهيو.