اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪا??ڙ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ قومي سلا??تي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ ??تا??ر ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪا??ڙ جي صدارت ۾ 28 هين گڏيل قومون ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 28 جي حوالي سان بين الوزارتي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي، پرڏيهي معاملن، توانائي، موسمياتي تبديلي، منصوبابندي وارن نگران وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شر??ت ڪئي. اجلاس جي شر??ت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ قومي سلا??تي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ ??تا??ر ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته گذريل سال موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي ٽيون حصو آبادي ٻوڏ کان ??تا??ر ٿي، پاڪستان پنهنجي ماحولياتي سفارتڪاري سان عالمي ماحولياتي بحث ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪوپ – 28 ۾ ڪلائميٽ فنانس ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي پاڪستان جو موقف بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ ادارا ڀرپور تياري ڪن. نگران وزيراعظم دبئي، گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندڙ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.