اسلام آ??اد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونين، وفاقي ادارن جي آفيسرن کي ٻاهرئين ملڪ سرڪاري ۽ نجي دورن جي ڏنل اجازت واپس وٺي ڇڏي آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي آ??ي ته چونڊن جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪنهن کي به پرڏيهي دوري جي لا??ِ ايڪس پاڪستان ليو نه ڏني وڃي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب نگران وزيراعظم وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونين ۽ وفاقي ادارن ۾ شامل ماتحت ادارن، خودمختيار ادارن جي آفيسرن کي ڏنل غيرملڪ?? سرڪاري يا نجي دورن جي اجازت واپس وٺي ڇڏي آهي. نگران وزيراعظم پاران هدايت ڪئي وئي آ??ي ته ڪنهن غيرملڪي دوري جي لا??ِ ايڪس پاڪستان ليو نه ڏني وڃي. سڀئي وفاقي سيڪريٽريز کي چيو ويو آ??ي ته اهي انهن هدايتن تي مڪمل عمل ڪرائڻ کي يق??ني بڻائين.