اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ??اڪ??تان هڪ پرامن ملڪ آهي جتي قانون جي حڪمراني آهي، ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ انارڪي پکڙجڻ نه ڏني ويندي، ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي تشدد تي اتساهڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، ??اڪ??تان ڪنهن به صورت ۾ ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ??اڪ??تان ۾ بي بنياد، ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي پروپئگنڊه پکيڙين، انهن پليٽ فارمز پاران ان عمل کي نه روڪيو ويو ته رياست کي سخت قدم کڻڻا پوندا. وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خصوصي نمائندي حافظ طاهر اشرفي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 19 تحت اظهار راءِ جي آزادي لامحدود نه آهي پر قانون جي تابع آهي، ان تحت عدليه، هٿياربند فوج ۽ ڀائر ملڪن جي خلاف توهين آميز ڳالهه ٻولهه جي اجازت نه آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي تشدد تي اتساهڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن جيڪا قانون جي خلاف سر??رمي آهي، حڪومت اهڙي غيرقانوني سر??رمين جي خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪندي. نگران وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ان ذميواري کان آجا نٿا ٿي وڃن ته انهن جا پليٽ فارمز ڪنهن ملڪ جي اندر امن امان کي خراب ڪرڻ ۽ ماڻهن کي تشدد تي اتساهڻ ۽ نفرت انگيزي جي لاءِ استعمال ٿين، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر)، يوٽيوب، فيس بڪ کي پروپئگنڊه، ڪوڙ، سر??اري آفيسرن جي ڪردارڪشيءَ ۽ هراسان ڪرڻ جي لاءِ مسلسل استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، لاڳاپيل ڪمپنين کي ان عمل کي ??نٽرول ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ??اڪ??تان ڪنهن به صورت ۾ ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندو ته اهي پليٽ فارمز ??اڪ??تان ۾ بي بنياد، ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي پروپئگنڊه پکيڙين، انهن پليٽ فارمز پاران ان عمل کي نه روڪيو ويو ته رياست کي سخت قدم کڻڻا پوندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته عدليه جي ڪنهن به فيصلي جي خلاف قانوني نظرثاني جا ذريعا موجود آهن، ڪنهن کي شڪايت آهي ته ان جي لاءِ نظرثاني جي درخواست ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته ڪنهن کي به قانون کي هٿ ۾ کڻڻ ۽ ملڪي امن کي تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ??اڪ??تان هڪ پرامن ملڪ آهي جتي قانون جي حڪمراني آهي، ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ انارڪي ڦهلائڻ نه ڏني ويندي. هن چيو ته اسان ??اڪ??تان ۾ رهندڙ سمورن غيرملڪين کي يقين ڏياريون ٿا ته اهي محفوظ آهن ۽ انهن جي سلامتي کي ??اڪ??تان حڪومت يقيني بڻائيندي.