بنجول – 03 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ?? پرڏيهي و??ير محمد اسحاق ڊار گيمبيا جي شهر بنجول ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي سربراهي اجلاس جي لاءِ پرڏيهي و??يرن جي تياري جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن سال جي سربراهي اجلاس جو موضوع ”پائيدار ترقي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي اتحاد ۽ يڪجهتي کي وڌائڻ“ آهي. اجلاس دوران پاڪستان کي متفقه طور تي او آءِ سي جي 15 هين اسلامي سربراهي اجلاس جي لاءِ بيورو آف پرڏيهي و??يرن جي تياري جي اجلاس جو نائب صدر چونڊيو ويو. نائب وزيراعظم ?? پرڏيهي و??ير ان موقعي تي خطاب ڪندي گيمبيا جي پرڏيهي و??ير ممدائو تنگارا کي سيشن ۽ 15 هين اسلامي سربراهي اجلاس جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سعودي عرب جي عهدو ڇڏيندڙ سربراهه جي ڪرد??ر کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ?? پرڏيهي و??ير غزه جي عوام جي خلاف اسرائيلي جنگ سبب گذريل ڪيترن ئي مهينن کان غزه جي عوام جي ??ار?? نسل ڪشيءَ ۽ غذائي کوٽ تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. تياري جي اجلاس دوران او آءِ سي جي پرڏيهي و??يرن سينيئر آفيشلز ميٽنگ (اي?? او ايم) جي رپورٽ جي منظوري ۽ مختلف دستاويزن کي حتمي شڪل ڏني جن ۾ فلسطين مسئلو، او آءِ سي سربراهي ڪانفرنس جو حتمي پڌرنامو ۽ بنجول پڌرنامو شامل آهي.