لاهور – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مزدور کي درپيش مسئلن جو ادراڪ آ??ي، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ مزدورن کي ريليف ڏي?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، مزدور کي جائز حق نه ملندو ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگ??ي، حڪومت مزدورن جي اجرت ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندي، ڪرپشن ملڪ جي تباهي جو سبب آ??ي، جلد ان جو خاتمو ڪنداسين، سعودي ع??ب جو تازو دورو ڪامياب رهيو، جلد ٻاهرئين سيڙپڪاري سان ملڪ کي بحرانن مان ڪڍنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مزدورن جي ع??لمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي رهائشگاهه تي مزدورن جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو قومي معيشت ۾ مزدورن ۽ پورهيتن جي قدر کان چڱي ريت آگاهه آ??ي، واپاري، سيڙپڪار ۽ صنعتڪار مزدورن جي حالت بهتر بڻائڻ کي ترجيح ڏين. هن چيو ته مزدور کي درپيش مسئلن جو ادراڪ آ??ي، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ مزدورن کي ريليف ڏي?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، حڪومت مزدورن جي اجرت ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندي، ڪرپشن ملڪ جي تباهي جو سبب آ??ي، جلد ان جو خاتمو ڪنداسين، ملڪي معاشي حالتون چئلينجنگ آهن، سعودي ع??ب جو تازو دورو ڪامياب رهيو، جلد ٻاهرئين سيڙپڪاري سان ملڪ کي بحرانن مان ڪڍنداسين. وزيراعظم چيو ته اسان کي مزدور جي ع??مت جو پورو احساس آ??ي، مزدور کي جائز حق نه ملندو ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگ??ي، سيڙپڪار ۽ پورهيت هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن، هر فيڪٽري ۾ هڪ ڦيٿو سيڙپڪار آهي ۽ هڪ پورهيت آ??ي، حڪومت مزدورن جي اجرت ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندي ته جيئن مزدورن کي ريليف ڏئي سگهجي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي تعليم ج?? گهرج آهي ته امير غريب جي فرق ک?? گهٽ ڪيو وڃي، نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته مزدور جي اجرت پگهر خشڪ ٿيڻ کان اڳ ادا ڪريو. وزيراعظم چيو ته مهانگائي سان عام مزدور کي يقيني طور تي مسئلا درپيش آهن، روزانو جا خرچ مزدور وڏي مشڪل سان برداشت ڪري ٿو پر اسان اهڙا قدم استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون جو ملڪ جلد مهانگائي جي چنبي مان نڪري ويندو. شهباز شريف چيو ته ڪاروباري ماڻهو خاندان کانسواءِ پورهيتن جي ٻارن جي تعليم ۽ علاج جي لاءِ منصوبا ٺاهين، اهڙا منصوبا ٺاهين جو مزدور جو ٻار انجنيئر ۽ ڊاڪٽر بڻجي، سيڙپڪارن، واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن جي دولت تي مزدورن جو پڻ حق آهي. وزيراعظم چيو ته مون کان وڌيڪ مزدورن جي مسئلن کي ڪير ڄاڻي سگهي ٿو، ??نه??جو والد مرحوم پڻ هڪ مزدور هو، ??نه??جو والد پاڪستان ٺهڻ کان اڳ لاهور آيو، هو 6 ڀائرن سان گڏ لاهور جي فيڪٽري ۾ مزدوري ڪندو هو، هن لاهور جي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، شام ۾ مزدوري ڪندو هو. هن تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي چيو ته مون توهان کي دل ج?? گهراين سان پنهنج?? گهر گهرايو آ??ي، اڄ توهان سرڪار?? گهر ۾ مهمان نه پر محمد شريف جي خاندان ۾ موجود آهيو، توهان ??نه??جا مهمان آهيو، هي دعوت نواز شريف ۽ ??نه??جي طرفان آ??ي، دلي خوشي آهي ته مون کي توهان جي مهمان نوازي جو موقعو مليو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ جون معاشي حالتون چئلينجنگ آهن پر حڪومت ملڪ کي ان ڌُٻڻ مان ڪڍ?? جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آ??ي، سعودي ع??ب جو تازو دورو اميد جو ڪِرڻو ثابت ٿيندو ۽ ان جا ڏورس نتيجا نڪرندا، ان دوري دوران مون مختلف وزيرن سان اطمينان جوڳيون ملاقاتون ڪيون آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ سعودي ڪاروباري ماڻهو پاڪستان اچڻ وارا آهن جنهن سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ملندا ۽ مهانگائ?? گهٽ ٿيندي. شهباز شريف چيو ته ملڪ جي بربادي جو سڀ کان وڏو سبب ڪرپشن آ??ي، کربين رپيا ڪرپشن جي ور چڙهي رهيا آهن، انهن کي واپس آڻ?? جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ وارو آ??ي، شاهه خرچين ۾ گهٽتائي آڻ?? جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي حڪومت شاگردن کي ليپ ٽاپ ۽ وظيفا ڏنا، هي ملڪ امير جو به آهي ۽ غريب جو به آ??ي، پاڪستان يتيم جو به آ??ي، هتي سڀني کي برابري جي سطح تي بنيادي حق حاصل آهن. هن چيو ته تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ جلد عوام کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون.