اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ا?? ڳالهه کي ساراهيو ته ٻنهي ڌرين بنيادي دلچسپي جي معاملن تي سدائين هڪ ٻئي جي مڪمل حمايت ڪئي آهي ۽ ا?? ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته مستقبل ۾ ٻئي ڌريون عالمي فورم تي هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکندا. وزيراعظم نومبر 2024ع ۾ منعقد ٿيندڙ 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 29 جي ميز??ان شهر جي طور تي باڪو جي چونڊ تي پرڏيهي وزير بيراموف کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ان اهم ايونٽ جي ڪامياب نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ آذربائيجان سان گڏجي ڪم ڪندو. جون 2023ع ۾ باڪو جي دوري دوران صدر الهيام عليوف سان پنه??جي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪندي وزيراعظم آذربائيجان جي صدر کي هن سال جي آخر ۾ پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي لاءِ پنه??جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. آذربائيجان جي پرڏيهي وزير مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پنه??جي ۽ پاڪستاني پرڏيهي وزير جي وچ ۾ ڪالهه خميس ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو. هن آذربائيجان جي قيادت پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ کيس آذربائيجان جي پاڪستان سان پنه??جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڀرپور خواهش جو يقين ڏياريو. پرڏيهي وزير بيراموف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.