شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شينزن ۾ نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر ۽ شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي ئي وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل پاڪستاني عملدارن ??ي اڄ ئي نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر ??ان ڳالهيون ڪري پاڪستان ۾ اهڙي جديد نظ??م جي قيام جي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ??ري ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر پهچڻ تي شينزن نانشان ڊسٽرڪٽ پيپلز گورنمينٽ جي پارٽي ليڊرشپ گورنمينٽ جي ميمبر ۽ ڊپٽي ميئر لي زنها وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نانشان ون اسٽاپ سروسز جي دوري دوران وزيراعظم کي ڪمپنين جي هڪ ئي ڇت هيٺ رجسٽريشن ۽ ٻي ڪارروائ?? جي حوالي سان ڊيجيٽل نظ??م تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم نانشان ون اسٽاپ سروسز ۾ ڪمپني ۽ ڪاروبار جي رجسٽريشن جي لاءِ جديد نظ??م کي ساراهيو. وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن ??ي پاڪستان ۾ اهڙو نظ??م متعارف ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي نانشان ون اسٽاپ سروسز جي عملدارن سان ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ??ئي ۽ هن چيني تعاون سان پاڪستان ۾ فوري طور تي اهڙا سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني عملدارن ??ي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ??ئي. وزيراعظم پاڪستاني عملدارن ??ي شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهڙو ئي جديد ۽ تيز تر نظ??م متعارف ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم شينزن جي ارتقاءَ ۽ ترق?? جي حوالي سان قائم شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو. دوري دوران وزيراعظم کي شينزن جي ترقي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ميوزيم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ شينزن جي گهٽ مدي ۾ ترق?? جي سفر کي ساراهيو.