اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چين جي دوري دوران لاڀائتين بزنس ٽو بزنس ملاقاتن جي حوالي سان جامع پلان جوڙڻ ۽ چ??ني انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي ترغيب ڏيڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت چ??ني صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪ??دي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ و??ير??عظم جي چين جي دوري جي تيارين جي حوالي سان صبح 7 وڳي اهم جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪ??ال خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، و??ير??عظم جي خاص معاون طارق فاطمي، و??ير??عظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ چين ۾ مقرر پاڪستان جو سفير اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ و??ير??عظم هدايت ڪئي ته دوري دوران ٻنهي ملڪن جي لاڀائتين بزنس ٽو بزنس ملاقاتن جي حوالي سان جامع پلان جوڙيو وڃي. چ??ني انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي ترغيب ڏيڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي وڃي. و??ير??عظم چيو ته حڪومت چ??ني صنتعڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪ??دي. و??ير??عظم چين ۾ مقرر پاڪستان جي سفير کي پاڪستاني ڪاروباري وفد کي چين ۾ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. اجلاس ۾ و??ير??عظم کي چين جي دوري جي تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان مان صنعتڪارن، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جو هڪ وفد به و??ير??عظم سان گڏ چين جي شهر شين زن ويندو. اهو وفد چ??ني ڪاروباري برادري سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.