اسلام آباد– 21 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته غيرروايتي برآمدات کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان سمورين ضروري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، صنعتڪارن ۽ واپارين کي سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي جڏهن ته ملڪ جي ??ال??واري برآمد ڪندڙن صنعتن جي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان وزير??عظ?? ۽ پاڪستان حڪ??مت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي حڪ??متي معاشي پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ۽ حڪ??مت سان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان ملڪ جي ??ال??واري برآمد ڪندڙن جي وفد وزير??عظ?? هائوس ۾ ملاقات ڪئي. برآمد ڪندڙن جي وفد صنعتن جي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان وزير??عظ?? ۽ حڪ??مت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي ??ن کي صنعتي ۽ برآمدي شعبي جي لاءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. وفد حڪ??متي معاشي پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ حڪ??مت سان هر ممڪن تعاون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وفد جو چوڻ هو ته ملڪي خزاني کي نقصان پهچائ??ند??ن ۽ ٽيڪس چورن کي سزا ڏيارڻ جي حوالي سان حڪ??مت سان گڏ بيٺل آهي. وفد جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزير??عظ?? چيو ته برآمدات ملڪي معيشت جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته ملڪ تڏهن ئي ترقي ڪندو جڏهن برآمدي شعبو تيز ۽ پائيدار ترقي طرف وڌندو. هن وڌيڪ چيو ته برآمد ڪندڙ احترام لائق آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته غيرروايتي برآمدات کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. وزير??عظ?? چيو ته اس??ن کي اڄ اهي فيصلا ڪرڻا آهن جيڪي ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ هجن. هن چيو ته برآمدات ۽ جي ڊي پي جي تناسب کي وڌائينداسين. سندس چوڻ هو ته صنعتڪارن ۽ واپارين کي سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن لاڳاپيل عملدارن کي تاڪيد ڪئي ته ان حوالي سان ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وزير??عظ?? جو چوڻ هو ته دستياب وسيلن جي اندر رهندي واپارين ۽ صنعتڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي. وزير??عظ?? برآمد ڪندڙن جي سمورن مسئلن جي فوري حل جي حوالي سان وفاقي وزيرن کي وفد سان مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، سلمان احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.