آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آستانه جو هڪ انتهائي لاڀائتو دورو پڄاڻي تي ??هتو. ايس سي او جي اصولن، ويزن ۽ هد??ن جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو. سوشل ميڊيا ايڪس تي ??نهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته اهم ??لا??قائي ۽ عالمي معاملن تي شنگهائي تعاون تنظيم جي اڳواڻن سان پاڪستان جي م??قف جي مٽاسٽا ڪئي ۽ گڏوگڏ پنهنجي دوستن ۽ پاڙيسرين سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اسان آڪٽوبر 2024ع ۾ ايس سي او جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ايس سي او فيملي جي ميزباني جا منتظر آهيون.