??سل??م آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪيپٽن اسامه بن ارشد جي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان پنهنجي جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا جي??ي ملڪ جي دفاع لاءِ هر طرح جي قر??اني ڏيڻ جي لاءِ تيار رهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته قوم ڪيپٽن اسامه جي قر??اني کي سدائين ياد رکندي. هن چيو ته دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏنو ??ين??و. صدر شهيد ڪيپٽن اسامه جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.