اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ۾ ضابطي وارن سڌارن تي ??ثرائتي نموني عمل ڪرڻ ??ي ضرورت تي ??ور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه جيڪب ڪارڊوا اينڊ ايسوسيئيٽس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اسڪاٽ جيڪب سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ مجموعي ضابطا جاتي ماحول کي بهتر بڻا??ڻ جي حوالي سان سڌارن تي ڳالهيون ٿيون. اسڪاٽ جيڪب ريگيوليٽري نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ جامع تجويزون ڏنيون. هن ان حوالي سان بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ معياري طريقيڪار جي تجويز به ڏني. ناڻي واري وزير سڌارن جي اهميت جي تائيد ڪندي انهن سڌارن تي موثر نموني عمل ڪرڻ ??ي ضرورت تي ??ور ڀريو. ڳالهين ۾ انهن شعبن جو به خاص طور تي ??ڪر ڪيو ويو جتي ??ابطا جاتي فريم ورڪ جي حوالي سان سڌارا ضروري آهن. ڌر??ن ضابطا جاتي ??ڌارن لاءِ ڍانچا جاتي ??ريقيڪار اختيار ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو.