اسلام آباد – 06 – آگسٽ (اي پي پي) ڊيوٽي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد مريد عباس خان قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سيل ان وقت جي پراجيڪٽ ڊائري??ٽر محمد غواث خان، ڊپٽي ڊائري??ٽر مصور عمران ۽ چيف ڪمپيوٽر انجن??ئر سعد مدثر کي ٽن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت آڏو پيش ڪري موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن جي بئنڪ اڪائو??ٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ باقي آهي. جوابدارن جو 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران اي پي پي جي ل??گل ايڊوائيزر ناليواري قانوندان سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته سمورا جوابدار پروڪيورمنٽ ڪميٽي جا ميمبر هئا ۽ انهن جعلي صحيحن جي ذريعي اي جي پي آر ۾ 60 چيڪ جمع ڪرايا. سردار يعقوب مستوئي چيو ته سرڪاري اداري ۾ جعلسازي جي ذريعي 124 ملين رپين جو ڌاڙو هنيو ويو آهي، جوابدارن کان سرڪاري رقم جي وصولي جي لاءِ جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.