لاهور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته رواداري، گڏيل احترام ۽ هر طرح جي بنا فرق انساني حقن جو تحفظ اسلامي معاشري جي سڃاڻپ آهي، سمورن مذهبن جي ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن نظرين موجب زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي آهي، اسان ??قليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهيون، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پا??ستان ۾ رهندڙ سمورن اقليتن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ انهن جي شاندار ڪردار تي کين خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، وزيراعظم چيو ته سرڪاري سطح تي اقليتن جو قومي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پا??ستان ۾ رهندڙ اقليتن سان يڪجهتي جو اظهار ۽ انهن جي پا??ستان ??ي رياست لاءِ خدمتن جو اعتراف آهي، اسان ??ي اقليتي برادري تحريڪ پا??ستان ۾ مک ڪردار ادا ڪيو ۽ پا??ستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين وطن جي تعمير ۾ ڀرپور حصو وجهي رهي آهي. محمد شهباز شريف چيو ته پا??ستان ??ي باني قائداعظم محمد علي جناح اقليتن جي حقن جي حوالي سان 11 آگسٽ 1947ع تي پا??ستان ??ي آئين ساز اسيمبلي ۾ هڪ تاريخي تقرير ۾ اقيلتن لاءِ مڪمل مذهبي آزادي جو اعلان ڪيو هو. قائداعظم جي ويزن جي پيروي ڪندي اقليتن جي خدمتن ۽ انهن جي سڃاڻپ جي اعتراف ۾ 11 آگسٽ تي اقليتن جو قومي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان ??قليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهيون ۽ اڄوڪي ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر اسان ??ن عزم جو ڀرپور ورجاءُ ڪيون ٿا. پا??ستان ??ڪومت مذهبي اقليت برادري جي فلاح و بهبود جي حوالي سان ??ملي قدم کڻي رهي آهي، اقليتن لاءِ روزگار جي موقعن ۾ ميرٽ کان ??لاوه مخصوص سيٽون ان ڳالهه جو ثبوت آهي، ته اسان وٽ اقليتن کي اڳتي وڌڻ جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪ??ا ويندا آهن. اقليتي برادري جي سمورن ادارن ۾ نمائندگي کي ساراهيو پيو وڃي. هن چيوته اڄوڪو ڏينهن پا??ستان ۾ رهندڙ مذهبي اقليتن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ عزت ۽ احترام جي ياد ڏياري ٿو، پا??ستان ??ي آئين ۾ سمورن اقليتي برادرين لاءِ برابري جا حق آهن ۽ انهن جي مڪمل تحفظ جي ضمانت ڏني وئي آهي. حڪومت پا??ستان ??ي آئين جي روشني ۾ سمورين اقليتي برادرين لاءِ برابري جا حق يقيني بڻائي رهي آهي. پا??ستان ۾ رهندڙ مسلمان، سک، هندو، مسيحي، پارسين سميت سمورن مذهبن جا ماڻهو هن ملڪ جا آزاد شهري آهن، جن کي هڪ جهڙا حق ۽ پنهنجي نظرين مطابق زندگي گذارڻ جي پوري آزادي حاصل آهي. محمد شهباز شريف چيو ته پا??ستان ??ڪومت اقليتي برادري جي فردن جي مختلف شعبن ۾ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، اقليتي برادري پا??ستان ??ي دفاع ۾ به اڳيان ??ڳيان ??هي آهي ۽ اقليتي برادري جي ماڻهن جي ملڪ جي حفاظت خاطر پنهنجون جانيون به قربان ڪيون آهن. اڄ جو ڏينهن حقيقت ۾ تجديد عهد جو ڏينهن آهي، ته اقليتي برادرين پنهنجي مثالي اتحاد کي برقرار رکندي بنا امتياز جي ملڪي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن چيو ته اقليتن جي حقن جي پاسداري دين اسلام جي تعليم ۾ اهم حيثيت ر??ي ٿي، رواداري، گڏيل احترام ۽ هر طرح جي فرق کان ??واءِ انساني حقن جو تحفظ اسلامي معاشري جي سڃاڻپ آهي، پا??ستان ??ي باني قائداعظم محمد علي جناح به سمورن اقليتن کي هڪجهڙا حق ڏيڻ تي زور ڀريو. اقليتن کي بنيادي حقن جي فراهمي ۽ انهن جي جان مال جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، اهو ئي سبب آهي جو حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي. سمورن اقليتن جي فلاح و بهبود لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن. حڪومت سموري اقليتي برادري جي بنيادي حقن جي تحفظ، عزت ۽ وقار، جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، سمورن اقليتن جي مقدس ماڳن جي حفاظت، سار سنڀال، رنگ روغن حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي اهو عهد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، ته وطن عزيز ۾ رهندڙ سمورن اقليتن جي حقن جو احترام ڪ??و ويندو. وزيراعظم هن اميد جو به اظهار ڪيو ته سموريون اقليتون ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنديون. محمد شهباز شريف عالم سڳورن ۽ عوام تي زور ڀريو ته هو مختلف عقيدن جي ماڻهن وچ ۾ رواداري، برداشت ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏين. ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سمورن ادارن سان گڏجي ڪم ڪ??داسين. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته حڪومت مختلف مذهبن کي مڃيندڙن جي حقن جي پاسداري لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.