اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا چين پاڪستان لنگهه تحت مين لائين ون منصوبي جي اپ گر??ڊيشن جي لاءِ پهرين مرحلي تي مالياتي خاطري جي حوالي سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي لاءِ پوري قوم پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وزيراعظم ڪابينا کي پنهنجي گذريل ڏين??ن جي ڪوئيٽا جي دوري جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بشمول پوليس ۽ ليوي?? جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي لاءِ پوري قوم پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي صوبائي حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، ان??ن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ساراهه جوڳا قدم کڻي رهي آهي. وفاقي حڪومت بلوچ نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ بلوچستان حڪومت سان مڪمل تعاون ڪندي، وفاقي ڪابينا چين پاڪستان لنگهه جي اهم منصوبي مين لائين ون جي اپ گر??ڊيشن جي لاءِ چين ۽ پاڪستان جي ريلوي?? جي وچ ۾ ايم ايل ون جي پهرين مرحلي تي مالياتي خاطري جي حوالي سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا هدايت ڪئي ته حتمي معاهدو منظوري جي لاءِ ڪابينا آڏو ٻيهر پيش ڪيو وڃي. ڪابينا اقتصادي رابطا ??ميٽي جي 29 آگسٽ 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.