اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ارسا جو معاملو اسٽيڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليندي ارسا ميمبرن کي گهرائڻ ۽ معاملي تي تفصيلي بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 1991ع جي پاڻي جي ورڇ جي معاهدي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته مسئلن کي افهام تفهيم سان حل ڪيو و??ي، ارسا جي حوالي سا?? اسيمبلي م??مبرن جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ارسا پاران پاڻي جي ڊائيورزن جي فيصلي جي حوالي سان سيد نويد قمر، نواب يوسف ٽالپر، شبير علي بجاراڻي، مير غلام علي ٽالپر ۽ ٻين جي اعتراض وارن نقطن تي جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1991ع جي پاڻي جي ورڇ جي معاهدي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، نواز شريف جي سدائين ڪوشش رهي آهي ته مسئلن کي افهام تفهيم سان حل ڪيو و??ي. هن چيو ته ارسا جي حوالي سا?? اسيمبلي م??مبرن جا خدشا آهن، اسيمبلي م??مبر هارين ۽ آبادگارن جو آواز ايوان ۾ اٿاريندا آهن، زراعت سا?? اسان جي معيشت واڳيل آهي، اهو معاملو لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليو و??ي. هن چيو ته ارسا جي م??مبرن ۽ صوبائي نمائندن کي خصوصي طور تي گهرايو و??ي ته جيئن تفصيلي بريفنگ ٿي سگهي ۽ ان مسئلي جو مناسب حل ڳولي سگهجي. ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليندي چيو آهي ته ج?? اسيمبلي م??مبرن اهو معاملو اٿاريو آهي انهن کي به ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويندو. ارسا جي م??مبرن کي به گهرايو ويندو جڏهن ته جيڪي به ميمبر ان معاملي ۾ دلچسپي رکن ٿا، اُهي پنهنجا نالا ڏين ته جيئن انهن کي به ڪميٽي ۾ شامل ڪيو و??ي. قومي اسيمبلي م??مبر محمد احمد چٺا جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ضلعي وزيرآباد ۾ پاسپورٽ آفيس ٺهڻ گهرجي، ان حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ??يندا.