اسلام آباد -11 سيپٽمبر (ا?? پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رض?? گيلاني چيو آهي، ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح هڪ عظيم اڳواڻ ۽ ذهين انسان هو، پاڪستان جو ??هڻ سندس اڻٿڪ ڪوششن جو ??تيجو آهي. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم وفات تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري الڳ ملڪ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ ٻه قومي نظرئي ??ي بنياد تي پاڪستان جو ??جود کي عملي جامو پهرايو. پاڪستان جو ??يام قائداعظم محمد علي جناح جي اڻٿڪ ڪوششن جو ??تيجو آهي، پوري قوم پاڪستان جي باني جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ سدائين سندس احسانمند رهندي، باباءِ قوم جي دورانديشي ۽ سياسي ڏاهپ قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جهڙا رهنما اصول ڏنا. هن چيو ته اڄ اسان کي جن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، انهن تي ضابطو آڻڻ جو ??احد رستو قانون ۽ آئين تي عملدرآمد ڪرڻ سان آهي. اسان کي پاڪستان جي باني جي رهنما اصولن تي عمل ڪندي پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ لاءِ هر قسم جي اختلافن کان مٿانهون ٿي امن، ترقي ۽ جمهوري روين کي پروان چاڙهڻ گهرجي. سيد يوسف رض?? گيلاني دعا ڪئي ??ه الله تعاليٰ اسان سڀني کي قائداعظم جي نقش قدم تي هلندي وطن عزيز جي ت??مي?? ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.