اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز جي دعوت تي ??لا??يشيا جو وزيراعظم پنهنجي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??لا??يشي?? جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جو نور خان ا??ئربيس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد پهچڻ تي پاڪ فوج جي دستي ??لا??يشي?? جي وزيراعظم کي سلامي ڏني. ??لا??يشي?? جي وزيراعظم کي 21 توپن جي سلامي ??ني وئي. روايتي لباس پهريل ٻارن ??لا??يشي?? جي وزيراعظم کي گل پيش ڪيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ڪامرس وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ استقبال ۾ شريڪ هئا. ??لا??يشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. ??لا??يشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. دوري دوران پاڪستان ??لا??يشيا ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جي حوالي سان ا??م اڳڀرائي ٿيندي. ??لا??يشي?? جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطح جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جو وفد پڻ پاڪستان آيو آهي. وفد پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جي لاءِ ??لا??يشيا جو وزيراعظم پاڪستان – ??لا??يشيا بزنس فورم ۾ شرڪت پڻ ڪندو.