اسلام آباد – 17 – آڪ??وب?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ منگوليا کي واپار، سيڙپڪاري، عوام سا?? عوام ۽ مواصلاتي رابطن کي خصوصي ڌيان ڏيڻ سا?? گڏوگڏ گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف سا?? شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلا?? ۾ ??رڪت جي لاءِ آيل منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسناهي ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شه??از شريف منگوليا جي وزيراعظم جو گرمجوشي سا?? استقبال ڪيو ۽ چيو ته سندس دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل احترام، خيرسگالي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي تاريخ ?? هڪ نئين باب جي شروعات آهي. هن منگوليا جو ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي کيس مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تجويز پيش ڪئي ته ٻنهي ملڪن کي واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ مواصلاتي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ سا?? گڏوگڏ گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم محمد شه??از شريف منگوليا جي سول سرونٽس کي پاڪستان جي تربيتي ادارن ۾ تربيت جي آڇ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ 2025ع کي پاڪستان منگوليا دوستي جو سا?? قرار ڏيڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي. منگوليا جي وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم محمد شه??از شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ ايس سي او، سي ايڇ جي چيئر جي طور پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ڪوششن ۽ تعاون جي ذريعي مضبوط ۽ ويجها ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار، سياحت، زراعت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ گڏيل وزارتي ڪميشن ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ عالمي پارلياماني يونين قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ملاقات جي موقعي تي منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسناهي وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو پڻ هنيو.