اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي 79هين سالگرهه جو ڏينهن اسان کي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن کي حاصل ڪ??ڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، گڏيل قومن جي چارٽر جو منصفاڻي طريقي سان لاڳو به هڪ وڏو چئلينج ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ايڪس پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ گڏيل قومن جي 79هين سالگرهه جو ڏينهن اسان کي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن کي حاصل ڪ??ڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن، جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ۽ گلوبل سائوٿ جي گهري ٿيندڙ اقتصادي مشڪلاتون عالمي نظ??م جي وڏي چئلينجن جي نشاندهي ڪن ٿيون، گڏيل قومن جي چارٽر جو منصفاڻي طريقي سان لاڳو به هڪ وڏو چئلينج ??هي. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي خودمختياري جي حق جي قراردادن جي باوجود ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار اڃا به حل طلب آهن. جيستائين گڏيل قومن جي بنيادي دستاويز جي شقن کي نظ??انداز ڪيو ويندو، بحران وڌيڪ گهرا ٿيندا ويندا. هن چيو ته هو گڏيل قومن جي هن ڏينهن تي گهڻ رخي نظ??م جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، اسان هن دنيا کي سڀني جي لاءِ هڪ بهتر جڳهه بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين جتي سمو??ن ماڻهن جي حقن خاص طور تي جائز ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي انهن جا حق ڏياري سگهجن.